سبي(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي ڪڇيءَ ۾ هڪ شخص مبينا طور فائرنگ ڪري پنهنجي زال ۽ ٽن ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب ضلعي ڪڇيءَ جي علائقي حاجي شهر ۾ شبير احمد مبينا طور فائرنگ ڪري پنهنجي زال نسرين، پنجن ورهين جي پٽ ضمير ۽ ٽن مهينن جي جاڙين ڌيئرن نفيسه ۽ عليزه کي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واردات کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاريءَ لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.پوليس موجب چئني ڄڻن جا لاش تحويل ۾ وٺي ٽيچنگ اسپتال سبي منتقل ڪيا ويا آهن.










