ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ موسم جي تبديليءَ سبب نزلي ۽ زڪام جي مريضن جو انگ وڌي ويو آهي. جناح اسپتال جي ايمرجنسي انچارج ڊاڪٽر عرفان موجب جناح اسپتال ۾ روزانو نزلي ۽ زڪام جا 70 کان 80 مريض رپورٽ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ان کان اڳ روزانو 40 کان 50 مريض اسپتال ايندا هئا.ٻئي طرف سول اسپتال ۾ پڻ روزانو نزلي ۽ زڪام جا 30 کان 40 مريض اچي رهيا آهن، جڏهن ته اڳ انهن مريضن جو انگ روزانو 15 کان 20 هوندو هو. طبي ماهرن موجب ٻارن، بزرگن ۽ ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا مريضن کي نزلي ۽ زڪام سبب وڌيڪ خطرا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته موسم جي تبديلي نزلي ۽ زڪام جي ڪيسن ۾ واڌ جو هڪ اهم سبب آهي. طبي ماهرن شهرين کي فلو جي ويڪسين لڳرائڻ جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته فلو جي ويڪسين سرڪاري سطح تي دستياب ناهي. شهرين کي گهرجي ته رش وارن هنڌن تي ماسڪ استعمال ڪن ته جيئن بيمارين جي پکڙجڻ کان بچي سگهجي.










