عالمي يومِ اينيميشن تي وڏي وزير جو پيغام

عالمي يومِ اينيميشن تي وڏي وزير جو پيغام

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي يومِ اينيميشن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عالمي يومِ اينيميشن تخليقي صلاحيتن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل فنن کي هٿي وٺرائڻ جو اهم موقعو آهي.هن چيو ته اينيميشن فن، ڪهاڻي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو ميلاپ آهي، نوجوانن کي گهرجي ته هو هن شعبي ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪن.وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جو پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام (پي آءِ ٽي پي) نوجوانن کي جديد ڊجيٽل مهارتن سان ليس ڪري رهيو آهي. اهو پروگرام نوجوانن لاءِ آءِ ٽي جي تربيت ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته گرافڪ ڊيزائن سميت ڊجيٽل مهارتون نوجوانن کي اينيميشن ۽ تخليقي مواد تيار ڪرڻ جي شعبن ۾ اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿيون. سنڌ جا نوجوان تخليقي سوچ ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان ڊجيٽل معيشت ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت نوجوانن کي ڊجيٽل تعليم تائين پهچ ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وڏي وزير عالمي يومِ اينيميشن تي نوجوانن کي پيغام ڏيندي چيو ته هو پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي جديد ڊجيٽل مهارتن سان جوڙين. اينيميشن ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي شعبن ۾ ترقيءَ لاءِ تعليمي ادارن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ماهرن جو سهڪار پڻ انتهائي اهم آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو