ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽي وي ميزبان ابيل جاويد پنهنجي مڙس شهزاد جي بيماري ۽ اوچتي لاڏاڻي جو ذڪر ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺي.هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ابيل جاويد ٻڌايو ته سندس مڙس بظاهر بيمار نه هو، پر کيس محسوس ٿيو ته سندس جسم ۾ آڪسيجن جي کوٽ آهي. اسپتال پهچڻ تي ڊاڪٽرن ڊائلاسز ۽ وينٽيليٽر سميت مختلف طبي قدمن بابت ٻڌايو، جنهن تي شهزاد گهٻرائجي ويو. ابيل جاويد موجب ڊاڪٽرن جي تشخيص ٻڌڻ کان رڳو چار ڪلاڪن اندر سندس مڙس جي دل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. هن ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي مڙس کي ٺيڪ ٺاڪ حالت ۾ اسپتال وٺي وئي هئي ۽ سندس اکين آڏو اهو سڀ ڪجهه ٿيو. مڙس جي وفات کانپوءِ ٻارن جي اڪيلي سر پرورش ڪرڻ جو خيال کيس خوفزده ڪندو رهيو. شروعات ۾ سندس ٻار به کيس پيءُ جي موت جو ذميوار سمجهڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته هوءَ ئي سندن والد کي اسپتال وٺي وئي هئي. پنهنجي ننڍي ڌيءَ حورين جو ذڪر ڪندي ابيل جاويد چيو ته کيس موت جي معنيٰ جي به خبر نه هئي. آخري ديدار وقت هوءَ روئيندي چوندي رهي ته هوءَ پوءِ پنهنجي بابا کي ڏسندي، جڏهن هو ٺيڪ ٿي ويندو. حورين اهو به پڇندي رهي ته بابا کي قبر ۾ ڪيترا ڏينهن رهڻو پوندو. پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي ابيل جاويد چيو ته جڏهن ٻار پنهنجي والد کي سڏين ٿا، کيس وائس نوٽس موڪلين ٿا، پر ٻئي پاسي کان ڪو جواب نٿو اچي ته ان خاموشيءَ کي برداشت ڪرڻ انتهائي تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي.










