جھڏو،روڊ حادثا معمول،8 ڄڻا زخمي، 2 حيدرآباد ريفر

جھڏو،روڊ حادثا معمول،8 ڄڻا زخمي، 2 حيدرآباد ريفر

جھڏو(ن س) سمن سرڪار روڊ جي ناقص تعمير ۽ بدانتظامي سبب حادثا روز جو معمول بڻجي ويا، موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، 8 ڄڻا زخمي، 2 حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، جھڏو کان درگاهه سمن سرڪار ڏانهن ويندڙ زيرِ تعمير روڊ ٺيڪيدار ۽ انتظاميا جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب حادثن جو سبب بڻجي ويو آهي. روڊ تي پيل مٽيءَ تي پاڻيءَ جو ڇڻڪار نه ڪرڻ ۽ پٿرن کي رولر ذريعي هموار نه ڪرڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، جڏهن ته ان وقت درگاهه سمن سرڪار جو ساليانو ميلو پڻ جاري آهي جنهن جي ڪري زائرين جي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتن جو سامھڻو آهي.روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن کي مقامي ماڻهن امدادي ڪارروايون ڪندي سول هسپتال جھڊو پهچايو، جتي ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران زخمين کي طبي امداد ڏني وئي ۽ ٻن زخمين جون ڄنگهون ڀڄي پوڻ سبب وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. شهرين اعليٰ حکام کان عوامي مفاد ۾ مطالبو ڪيو آهي ته روڊ تي ترت پاڻيءَ جو ڇڻڪار ڪرائي رولر هلايو وڃي ۽ تعميراتي ڪم کي جلد کان جلد مڪمل ڪري عوام کي حادثن ۽ پريشانيءَ کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو