پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) 9 مئي تي ريڊيو پاڪستان تي حملي واري ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي وڏي وزير سهيل آفريدي سميت پنج نامزد جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.پشاور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي ٿي، جيڪا جج ولي محمد ڪئي. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل عدالت ۾ پوليس چالان پيش ڪيو، جنهن کانپوءِ عدالت اڳوڻي وڏي وزير سهيل آفريدي، ڪامران بنگش، تيمور سليم جهڳڙا، عرفان سليم ۽ عامر چمڪني جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.










