لاڙڪاڻو(ن س )جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ ناصر محمود سومري انڪشاف ڪيو آهي ته لاڙڪاڻي کي صوبو بڻائي جي يو آءِ کي حڪمرانيءَ جو خواب ڏيکاريو ويو، جڏهن ته اهڙي آڇ فنڪشنل ليگ کي به ڪئي وئي. هن چيو ته خواهش آهي ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف سڀئي گڏجي جدوجهد ڪن. ناصر محمود سومري چيو ته جڏهن ڪو به صوبن ٺاهڻ جي ڳالهه قبول نٿو ڪري ته پوءِ صوبا ٺهڻ کانپوءِ حڪومتن جي ورهاست جي ڳالهه ڪير قبول ڪندو؟ جيڪي صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، اهي ئي حڪومتون ورهائڻ جون ڳالهيون به ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قبيلائي جهيڙا ختم ڪرڻ لاءِ نه پيپلزپارٽي سنجيده آهي، نه ئي ڀوتار، جڏهن ته قبيلائي تڪرارن بابت ٿيل فيصلن تي عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي. جي يو آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ڏوهارين کي پرامن ماڻهو قرار ڏيڻ پيپلزپارٽي جي منهن تي چماٽ آهي. هر ضلعي ۾ ڏوهارين جا پيرا کڻڻ سان اهي پيپلزپارٽي جي ڀوتارن تائين پهچي ويندا.ناصر محمود سومري لاڙڪاڻي ۾ امن امان جي صورتحال تي سوال اٿاريندي چيو ته مان کلان يا روئان؟ لاڙڪاڻي ۾ 30 ڏينهن اندر 18 قتل ٿيا آهن، سرڪار ڪهڙي منهن سان امن امان بهتر ٿيڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي؟










