بلوچستان ۾ ڪارروايون ڀارتي حمايت يافته 9 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان ۾ ڪارروايون ڀارتي حمايت يافته 9 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مختلف ڪاررواين دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا آهن.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي ((ءِ ايس پي آر) موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي ڪڇي ۾ ڪارروائي ڪئي، جتي فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم 7 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز ضلعي ڪڇي ۾ دهشتگردن جي هڪ ٿاڪ کي به تباهه ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب ضلعي وڍ ۾ پڻ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم وڌيڪ 2 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ ڪيل ڪاررواين دوران هٿيار ۽ گولابارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو