اسلام آباد(بيورو رپورٽ) افغان طالبان حڪومت پاران پاڪ افغان سرحد تي مبينا اشتعال انگيز ڪارروائيءَ جو پاڪستاني فوج ڀرپور جواب ڏنو، جنهن دوران افغان فورسز جون ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ جو بنيادي سبب سرحد پار دهشتگردي ۽ افغانستان ۾ هٿياربند گروهن جي موجودگيءَ بابت تڪرار آهي. پاڪستان جو موقف آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ٻيا هٿياربند گروهه افغانستان جي سرزمين استعمال ڪندي پاڪستان اندر حملا ڪن ٿا، جڏهن ته افغان طالبان حڪومت انهن الزامن جي ترديد ڪندي رهي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگور اڏا ۾ افغان طالبان شهري آباديءَ کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ گهر تي مارٽر گولو ڪرڻ سبب هڪ شهري شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ساڳئي خاندان جا پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. ذريعن موجب پاڪ فوج افغان فورسز جي ڪارروائيءَ جو فوري ۽ ڀرپور جواب ڏيندي سندن ڪيترين ئي چيڪ پوسٽن کي تباهه ڪري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جا جوان دشمن جي ڪنهن به جارحيت کي ناڪام بڻائڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن ۽ شهري آباديءَ تي حملن کانپوءِ جوابي ڪارروائي جاري آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب شهري آباديءَ کي نشانو بڻائڻ واري واقعي تي مقامي ماڻهن ۾ سخت ڪاوڙ پکڙيل آهي. ڏکڻ وزيرستان جي ڊپٽي ڪمشنر افغان طالبان جي بنا اشتعال فائرنگ ۾ هڪ شهريءَ جي فوت ٿيڻ ۽ پنجن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي. سندس چوڻ موجب افغان طالبان حڪومت 27 آڪٽوبر جي رات انگور اڏا بازار ۽ شهرين جي گهرن کي نشانو بڻايو. ڊپٽي ڪمشنر موجب مارٽر گولو لڳڻ سبب هڪ شهري فوت ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿيا، جڏهن ته افغان طالبان جي فائرنگ سبب ڪيترين ئي دڪانن کي پڻ نقصان پهتو. سرحد تي موجود پاڪستاني فورسز پاران اثرائتي ۽ ڀرپور جوابي ڪارروائي جاري آهي.










