سکر (جئيرام بختيارپوري ) روهڙي باءِ پاس تي الخادم پيٽرول پمپ ويجهو ايل پي جي گئس سان ڀريل باوزر ۾ خوفناڪ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته پنج ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا. ڌماڪي سبب ڀرسان بيٺل ٽرڪ، پنج ٽرالر ۽ ٻيون گاڏيون به باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويون، جڏهن ته ايل پي جي باوزر مڪمل طور سڙي تباهه ٿي ويو. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.تفصيل موجب روهڙي موٽروي انٽرچينج ويجهو ايل پي جي گئس سان ڀريل باوزر ۽ ڪنٽينر وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ کانپوءِ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ باهه ڀڙڪي پئي ۽ ڀرسان بيٺل گاڏيون به باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويون. ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو.حادثي ۾ ٻه ڄڻا موقعي تي ئي سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس، موٽروي پوليس، ريسڪيو 1122 ۽ ايدهي جون امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون.فوتين جا لاش ۽ زخمين کي روهڙي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان چئن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو.زخمين جي سڃاڻپ فدا حسين رهواسي ڪوٽ سبزل، عمر حيات رهواسي رحيم يار خان، محمد شاهد ۽ ڪامران ولد انور علي رهواسي فيصل آباد طور ڪئي وئي آهي. فوت ٿيلن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته شروعاتي اطلاعن موجب امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته فوتين جو تعلق ٽرڪ جي عملي سان آهي.ڌماڪي سبب ايل پي جي باوزر، ٽرڪ، پنج ٽرالر ۽ ٻين گاڏين کي سخت نقصان پهتو. پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن واقعي واري هنڌ کي گهيري ۾ وٺي حادثي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










