آءِ ايم ايف شرط، اسٽيل سيڪٽر جي نگراني جو فيصلو

آءِ ايم ايف شرط، اسٽيل سيڪٽر جي نگراني جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سيلز ٽيڪس چوري روڪڻ ۽ اسٽيل جي پيداوار توڙي پهچائڻ جي عمل جي اثرائتي نگرانيءَ لاءِ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) اسٽيل سيڪٽر ۾ مانيٽرنگ جو نظام سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته اسٽيل ٺاهيندڙن کي 30 ڊسمبر 2026ع تائين جديد مانيٽرنگ سسٽم لڳائي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ايف بي آر موجب، اسٽيل سيڪٽر ۾ ٽيڪس چوري روڪڻ ۽ پيداوار توڙي پهچائڻ بابت انگن اکرن ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ اسٽيل ٺاهيندڙن کي جديد مانيٽرنگ سسٽم لڳائڻو پوندو. ان قدم جو مقصد پيداوار ۽ وڪري جي رڪارڊ ۾ ممڪن فرق جي نشاندهي ڪرڻ آهي. هدايتن تحت اسٽيل پگھلائيندڙ يونٽن، ري رولرز ۽ گڏيل صنعتي ادارن لاءِ پيداوار جي نگرانيءَ وارو نظام لڳائڻ ۽ ان کي فعال رکڻ لازمي هوندو. ايف بي آر موجب، نئين نظام تحت اسٽيل جي پيداوار، وزن، تعداد ۽ ترسيل جو مڪمل رڪارڊ رکيو ويندو، جڏهن ته تيار ٿيندڙ اسٽيل جي شين جي ماپ ۽ تعداد جي نگراني پڻ ساڳئي نظام ذريعي ڪئي ويندي. ان کانسواءِ اسٽيل جي شين جي آمدورفت لاءِ استعمال ٿيندڙ گاڏين جا رجسٽريشن نمبر، ڪل وزن ۽ خالص وزن جو رڪارڊ رکڻ پڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ايف بي آر جو چوڻ آهي ته جديد مانيٽرنگ سسٽم ذريعي اسٽيل جي پيداوار ۽ ترسيل جي انگن اکرن جو ڀيٽ ڪري سگهبو، جنهن سان رڪارڊ ۾ تضادن ۽ ممڪن ٽيڪس چوريءَ جي نشاندهي ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اداري اسٽيل ٺاهيندڙن کي هدايت ڪئي آهي ته نگرانيءَ لاءِ گهربل اوزار ۽ سافٽ ويئر ايف بي آر جي منظور ٿيل فراهم ڪندڙن کان حاصل ڪيا وڃن. گهربل نگراني ۽ ترسيل جو رڪارڊ تيار ڪرڻ کانسواءِ اسٽيل جون شيون صنعتي يونٽ کان ٻاهر موڪلڻ جي اجازت نه هوندي. ايف بي آر موجب، مقرر مدي تائين مانيٽرنگ سسٽم نه لڳائڻ، ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ يا پيداوار لڪائڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل صنعتي ادارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. هن قدم کي اسٽيل سيڪٽر مان ٽيڪس وصوليون وڌائڻ، سيلز ٽيڪس چوري روڪڻ ۽ صنعتي پيداوار جي رڪارڊ ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ جي ڪوشش قرار ڏنو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو