ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاق سان 28هين آئيني ترميم بابت ڪنهن به قسم جي مشاورت جي ترديد ڪندي چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي سنڌ ۾ نئين صوبي جي معاملي تي فل اسٽاپ لڳائي ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صوبي واري معاملي تي پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا سامهون اچي چڪو آهي.هن چيو ته سنڌ جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، سنڌ جي قسمت جو فيصلو رڳو سنڌ جا عوام ئي ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته سياستدانن جو ڪم ماڻهن ۾ نفرت ۽ ويڇا پيدا ڪرڻ ناهي، وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪراچي سان تعلق رکندڙ ماڻهن شهر لاءِ هڪ ٽڪي جو به ڪم ناهي ڪيو، وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ دلچسپي نٿي وٺي، جڏهن ته ان جا نمائندا شهر ۾ نفرت پکيڙڻ ۾ مصروف آهن. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت کي ڪراچي تي ڌيان ڏيڻ گهرج، جيڪڏهن شهر ۾ وفاقي ۽ صوبائي ادارا گڏجي ڪم ڪن ته عوام جي خدمت ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته حڪومت جو فرض آهي ته عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪري، ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري عروج تي آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت عوام تي معاشي بار گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بجلي جا بل ايترا وڌي ويا آهن، جو عوام لاءِ انهن جي ادائيگي ڏکي ٿي پئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندس خواهش آهي ته سڄي لياري کي شمسي توانائي تي منتقل ڪري سگهجي، سنڌ حڪومت لياري جي رهواسين کي شمسي توانائي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.










