اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي شهري وجاهت جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ (پي سي ايل) مان خارج ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ توهين عدالت واري درخواست پڻ اڪلائي وئي. جسٽس محمد اعظم خان شهري وجاهت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار جو وڪيل ۽ اسسٽنٽ اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي عدالتي حڪم تي عملدرآمد بابت رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. اسسٽنٽ اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته حڪم تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي، جنهن تي عدالت عملدرآمد واري رپورٽ جي بنياد تي درخواست اڪلائي ڇڏي. واضح رهي ته عدالت شهري وجاهت جو نالو سفري پابندين واري فهرست مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پر ان تي عمل نه ٿيڻ سبب شهري توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نالي جي خارج ٿيڻ بابت پنهنجي حڪم تي عملدرآمد لاءِ اڄ تائين جي مهلت ڏني هئي.










