چونڊن ۾ فراڊ تي سزا ڏياريندڙ کي  10 لک ڊالر انعام ڏيندس: ٽرمپ

چونڊن ۾ فراڊ تي سزا ڏياريندڙ کي 10 لک ڊالر انعام ڏيندس: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته گذريل چونڊن يا وچ مدي وارين چونڊن ۾ ووٽرن سان فراڊ بابت اطلاع ڏيندڙ شخص کي جيڪڏهن ان جي اطلاع جي نتيجي ۾ ڏوهاري کي سزا اچي ٿي ته 10 لک آمريڪي ڊالر انعام ڏنو ويندو.آمريڪي صدر جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪا ۾ وچ مدي وارين چونڊن ۾ رڳو هڪ هفتو باقي رهجي ويو آهي. ان کان اڳ ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ’ٽروٿ سوشل‘ تي اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي حمايت جو اعلان ڪيو هو. هڪ بيان ۾ ٽرمپ چيو هو ته اسرائيلي عوام نيتن ياهو کي ووٽ ڏئي، جيئن گڏجي شروع ڪيل ڪم کي مڪمل ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو