ڄامشورو (ن س) ڄامشوري جي علائقي نوري آباد ۾ مسافر بس حادثي جو شڪار ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مسافر فوت ٿي ويو، جڏهن ته 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب، بس ڪراچي کان بهاولپور وڃي رهي هئي ته حادثي جو شڪار ٿي وئي. زخمين ۾ 6 مرد، 2 عورتون ۽ هڪ ٻار شامل آهن. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون. پوليس اختيارين امدادي ٽيمن جي مدد سان فوتي جو لاش ۽ زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب، حادثو تيز رفتاريءَ سبب پيش آيو، جنهن بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










