ڪراچي: اورنگي ٽائون ۽ بلال ڪالوني ۾ پوليس مقابلا، 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي: اورنگي ٽائون ۽ بلال ڪالوني ۾ پوليس مقابلا، 3 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ٻن مختلف علائقن ۾ مبينا پوليس مقابلن دوران 3 ڄڻا مارجي ويا.پوليس موجب بلال ڪالوني ۾ مبينا مقابلي دوران 2 ڄڻا مارجي ويا، جن وٽان هٿيار، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.ٻئي طرف اورنگي ٽائون جي سيڪٽر ايف 7 ۾ به هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته جوابدارن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو. هوڏانهن سپر هاءِ وي تي فقيرا ڳوٺ ۾ گهر اندر فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت ۽ مرد فوت ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو