پاڪستان گروپ 24 جي صدارت سنڀالي ورتي

پاڪستان گروپ 24 جي صدارت سنڀالي ورتي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان عالمي مالياتي نظام ۾ ترقي يافته ملڪن جي موثر نمائندگي ۽ معاشي حقن جي تحفظ لاءِ بين الحڪومتي گروپ آف ٽوئنٽي فور(جي 24) جي صدارت سنڀالي ورتي.جي 24(بين الحڪومتي گروپ آف ٽوئنٽي فور) ترقي يافته ملڪن جو هڪ بين الحڪومتي گروپ آهي. جنهن جو مقصد عالمي مالياتي ۽ معاشي معاملن تي ترقي يافته معيشتن جي گڏيل مفادن جي نمائندگي ڪرڻ آهي.جي 24 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت کان علاوه الجزائر، ارجنٽائن، برازيل، ڪولمبيا، جمهوريه ڪانگو، آئيوري ڪوسٽ، ايڪواڊور، مصر، ايٿوپيا، گبون، گهانا، گونٽي مالا، ايران، ڪينيا، لبنان، ميڪسيڪو، مراڪش، نائيجيريا، پيرو، فلپائن، سريلنڪا ۽ وينزويلا شامل آهن.ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سربراهي سنڀالڻ کي هڪ وڏي ذ۾يواري قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ترقي يافته معيشن جي اجتماعي آواز مضبوط بنائڻ ۽ عالمي مالياتي نظام کي تبديل ٿيل معاشي حالتن کان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.هن چيو ته ترقي يافته معيشن جو مستقبل عالمي معيشت جي مستقبل کان ڌار ناهي پر انهي جو بنيادي حصو آهي، اڀرندڙ ۽ ترقي يافته معشين ۾ سرمائيڪاري، جدت، ڪاروبار ۽ عالمي ترقي کي اڳيان وڌائڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. ناڻي واري وزير جي 24 جي سربراهي لاءِ پاڪستان جي 3 اهم ترجيحات جو اعلان ڪيو.محمد اورنگزيب چيو ته عالمي معاشي پاليسين ۾ ترقي کي مرڪزي حيثيت ڏني ويندي. معاشي استحڪام کي سرمائيڪاري، پيداواري صلاحيت، روزگار جا موقعا ۽ گڏيل خوشحالي جي بنياد بنائڻ ضروري آهي ته جيئن ترقي يافته ۽ گهٽ آمدني وارا ملڪ پائيدار معاشي ترقي طرف وڌي سگهن.ناڻي واري وزير موجب پاڪستان عالمي ادارن ۾ ترقي يافته ملڪن جي وڌيڪ موثر ۽ منصفانه نمائندگي جي لاءِ آواز اٿاريندو. انهي سلسلي ۾ فيصله سازي ۾ معنيٰ جوڳي شرڪت، مساوي حڪمراني ۽ بريٽن ووڊز ادارن کي ميمبر ملڪن جي تبديل ٿيندڙ ضرورتن ۽ زميني حقيقتن موجب وڌيڪ موثر بنائڻ تي زور ڏنو ويندو.محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي ٽئين ترجيح ترقي تي ٻڌل عالمي مالياتي نظام کي اڳيان وڌائڻ آهي جنهن جي تحت سستي ۽ وقت تي ترقياتي قرضن جي فراهمي، قرضن جي پائيدار حل، عالمي مالياتي تحفظ جي نظام کي مضبوط بنائڻ، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۽ سرڪاري، نجي سرمائيڪاري ۾ اضافي تي ڌيان ڏنو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جو مقصد اهو يقيني بنائڻ آهي ته ترقي يافته معيشتن جي بي پناهه صلاحيت اهڙي عالمي مالياتي نظام جي ڪري محدود نه ٿئي جيڪا تبديل ٿيندڙ دنيا جي گهرجن موجب مڪمل طور تي پاڻ کي تبديل ڪرڻ ۾ اڃان تائين ڪامياب نه ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو