ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سوئي گئس ڪمپني گهريلو ڪنيڪشنن تي پابندي اڻڄاتل مدي تائين وڌائي ڇڏي آهي.ذريعن موجب هن مهيني کان ڪمرشل تندورن، هوٽلن سميت ٻين ڪنيڪشنن جو سلسلو پڻ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هزارين صارفين ارجنٽ فيس جمع ڪرائڻ باوجود ڪنيڪشنن کان محروم آهن.ذريعن ٻڌايو ته آر ايل اين جي جي فراهمي متاثر آهي، جڏهن ته موجوده نظام ۾ به گئس جي کوٽ وڌي وئي آهي. سياري جي شروعات سان ئي گئس جي گهرج ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي ۽ گهريلو صارفين کي به گئس جي فراهمي ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، تنهن هوندي به سوئي گئس ڪمپني گهريلو ڪنيڪشنن تي پابندي اڻڄاتل مدي تائين وڌائي ڇڏي آهي.سوئي گئس اختيارين موجب ڪنيڪشنن تي پابندي پيٽروليم وزارت لاڳو ڪئي آهي، جڏهن ته ايران ۽ آمريڪا جي جنگ بند ٿيڻ کانپوءِ ئي ڪنيڪشن بحال ٿيڻ جو امڪان آهي.










