ٽيم معياري ڪارڪردگيءَ سان کٽيندي: هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن

ٽيم معياري ڪارڪردگيءَ سان کٽيندي: هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن پنهنجي 52هين سالگرهه پاڪستان ۾ پنهنجي گهروارن سان گڏ ملهائي.مائيڪ هيسن جي گهرواري ۽ ٻيا گهر ڀاتي انهن ڏينهن ۾ پاڪستان آيل آهن. سالگرهه جي موقعي تي هن پنهنجي خاندان ۽ ٽيم سان گڏ ڪيڪ ڪاٽي خوشي ملهائي. هيڊ ڪوچ سالگرهه تي نيڪ خواهشن جا پيغام موڪلڻ تي سڀني جا ٿورا مڃيندي چيو ته سالگرهه جي موقعي تي خاندان جو هتي گڏ هجڻ شاندار تجربو رهيو. هن چيو ته ٽريننگ سيشن به تمام سٺو ٿيو ۽ اهو هڪ بهترين ڏينهن هو. اميد آهي ته معياري ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري اڄ رات ڪاميابي حاصل ڪنداسين. واضح رهي ته ٽن ملڪن جي ون ڊي سيريز جي فائنل ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جون ٽيمون ڇنڇر ڏينهن قذافي اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو