ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪار احسن خان گيت ڳائي پنهنجي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو.آمريڪا جي شهر هيوسٽن ۾ منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ احسن خان سينيئر اداڪارا ثانيا سعيد سان گڏ شرڪت ڪئي.تقريب ۾ ٻنهي اداڪارن جا مداح پڻ موجود هئا، جن ساڻن ڪچهري ڪئي. ان موقعي تي احسن خان پنهنجي مشهور ڊرامي جو اصل سائونڊ ٽريڪ (او ايس ٽي پڻ ڳايو.وائرل ٿيل وڊيو ۾ اداڪار کي سندس گيت ”جڏهن تون ياد اچين“ ڳائيندي ٻڌي سگهجي ٿو.احسن خان پنهنجي آواز جو اهڙو جادو جاڳايو، جو مداح حيران ٿي ويا ۽ سندس گيت مان پڻ خوب لطف اندوز ٿيا. اداڪار جي اها وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جڏهن ته مداحن طرفان سندس آواز ۽ گائڪي کي ساراهيو پيو وڃي.










