اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي بئنڪ جي جاري ڪيل رپورٽ موجب سال 25-2024ع دوران پاڪستان ۾ غربت جي شرح 29 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 2024ع دوران ملڪ جا 7 ڪروڙ 26 لک ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا هئا. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ روزانو 3 ڊالرن کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي شرح 23 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ملڪ جي 5 ڪروڙ 76 لک کان وڌيڪ آبادي جي روزاني آمدني 3 ڊالرن کان گهٽ آهي. پاڪستان ۾ روزانو 4 ڏهائي 20 ڊالرن کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن جو انگ 12 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، جيڪو ڪل آبادي جو 47 ڏهائي 9 سيڪڙو بڻجي ٿو.اهڙيءَ طرح روزانو 8 ڏهائي 30 ڊالرن کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن جو انگ 21 ڪروڙ 88 لک رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو 87 ڏهائي 1 سيڪڙو آهي. عالمي بئنڪ جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ گهڻ رخي غربت جي شرح 2024ع دوران 27 ڏهائي 1 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ملڪ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ غربت جي شرح 56 ڏهائي 4 سيڪڙو، جڏهن ته شهري علائقن ۾ 34 ڏهائي 4 سيڪڙو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته غربت ۾ واڌ جا اهم سبب مهانگائي، معاشي سستي ۽ آمدنيءَ ۾ گهٽتائي آهن، جڏهن ته کاڌي پيتي جي شين ۽ توانائيءَ جي قيمتن ۾ واڌ غريب طبقي کي سخت متاثر ڪيو آهي.










