لياقت آباد ۾ ٽريلر جو بائيڪ کي ٽڪر، عورت فوت، 1 ڄڻو زخمي

لياقت آباد ۾ ٽريلر جو بائيڪ کي ٽڪر، عورت فوت، 1 ڄڻو زخمي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي لياقت آباد 10 نمبر پل ويجهو ٽريلر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته هڪ مرد سخت زخمي ٿي پيو. حادثي کانپوءِ واقعي واري هنڌ موجود ڪاوڙيل ماڻهن سخت احتجاج ڪيو ۽ ٽريلر کي باهه ڏئي ڇڏي. پوليس موجب ٽريلر کي لڳل باهه هڪ فائر ٽينڊر جي مدد سان وسائي وئي، جڏهن ته ٽريلر جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. حادثي جو اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ فوتي عورت جو لاش توڙي زخمي شخص کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو