ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جناح اسپتال انتظاميا بجليءَ جي خرابيءَ سبب مريضن جي فوت ٿيڻ جي خبرن جي سخت ترديد ڪندي واضح ڪيو آهي ته اسپتال مڪمل طور تي فعال آهي ۽ تمام ضروري طبي خدمتن جو تسلسل برقرار آهي. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جناح اسپتال پروفيسر خالد شير موجب اسپتال ۾ مريضن جون فوتگيون بجلي جي بندش سبب ناهن ٿيون. انتقال ڪندڙ مريض اڳي ئي سخت بيمار هئا ۽ سندن حالت انتهائي تشويشناڪ هئي، انهن فوتگين جو تعلق مريضن جي بنيادي طبي پيچيدگين سان هو ۽ ڪنهن به فوتگيءَ کي بجلي جي خرابي سان جوڙڻ جو ڪو به ثبوت ناهي مليو. پروفيسر خالد شير تڪنيڪي مسئلي جي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته اسپتال ۾ بجلي جي اوورلوڊ سبب ڪيبل ۾ خرابي جو عارضي تڪنيڪي مسئلو سامهون آيو هو، جنهن تي لاڳاپيل تڪنيڪي ٽيمن فوري طور تي ڪم ڪندي خرابيءَ جي نشاندهي ڪئي ۽ مرمت جو ڪم شروع ڪري ڏنو. جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي انتظاميا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسپتال هن وقت مڪمل طور تي فعال آهي ۽ اتي بجلي جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي. اسپتال ۾ ضروري طبي خدمتن جو تسلسل برقرار رکڻ ۽ مريضن جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي سنڀال يقيني بڻائڻ لاءِ جينريٽر بيڪ اپ جا مڪمل انتظام موجود آهن.ياد رهي ته ان کان اڳ اسپتال ۾ گذريل 24 ڪلاڪن کان بجليءَ جي فراهميءَ جو مسئلو بابت خبر آئي هئي، جنهن سبب مختلف تشخيصي شعبن جو ڪم متاثر ٿي رهيو آهي. ذريعن موجب بجليءَ جي خرابي سبب ايم آر آءِ ۽ پي اي ٽي اسڪين جون خدمتون متاثر ٿيون آهن. گذريل ڏينهن اسپتال جي انتظامي بلاڪ ۾ پڻ بجليءَ جا مسئلا سامهون آيا هئا.اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته گائني وارڊ ۽ نون ڄاول ٻارن جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ (اين آءِ سي يو) کي جنريٽرن ذريعي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي.انتظاميا موجب اسپتال جي هڪ حصي ۾ بجليءَ جو مسئلو آهي، تنهن هوندي به جنريٽر فعال آهن ۽ اميد آهي ته اڄ رات تائين بجليءَ جي خرابي دور ٿي ويندي.










