ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي نارٿ ڪراچي ۾ ڊبل ڪيبن گاڏيءَ ۾ سوار ماڻهن هڪ ڪٽنب سان بدتميزي ڪرڻ بعد تشدد جو نشانو بڻايو. گاڏيءَ ۾ سوار ماڻهن مبينا طور زال ۽ ٻارن جي سامهون ڪار ڊيلر کي تشدد جو نشانو بڻايو. واقعي جو ڪيس سر سيد ٿاڻي تي متاثر شخص عبدالمتين جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. فريادي موجب هو پنهنجي گاڏيءَ ۾ گهر واپس وڃي رهيو هو ته ڊبل ڪيبن ۾ سوار ماڻهن سندس گاڏي روڪرائي ۽ مٿس تشدد شروع ڪري ڏنو. هن چيو ته تشدد ڪندڙ ماڻهن کي سڃاڻي ورتو آهي، اهي سندس ئي علائقي جا رهواسي آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن سندس گهرواريءَ جو رئو پڻ ڇڪي ورتو، جڏهن ته سندس پٽ به سخت ڊڄي ويو. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.










