زال کي باهه ڏيڻ جي الزام ۾ آئي بي ملازم جي اپيل رد

زال کي باهه ڏيڻ جي الزام ۾ آئي بي ملازم جي اپيل رد

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ زال کي باهه ڏيڻ جي الزام هيٺ آيل انٽيليجنس بيورو (آءِ بي) جي بورچي جواد عباسيءَ جي اپيل رد ڪندي سندس جبري رٽائرمينٽ وارو کاتي جو فيصلو برقرار رکيو آهي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته سرڪاري ملازم جي ذاتي زندگيءَ جو ڪردار پڻ کاتي جي احتساب جي دائري ۾ اچي سگهي ٿو.جسٽس شاهد وحيد طرفان لکيل فيصلي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪيو ويو، جنهن موجب فوجداري ڪيس ۾ بري ٿيڻ کاتي جي ڪارروائيءَ کان ڇوٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي.فيصلي ۾ چيو ويو ته سرڪاري ملازم جي ذاتي زندگيءَ جو رويو پڻ کاتي جي احتساب هيٺ اچي سگهي ٿو. گهر جي چوديواريءَ اندر عورتن تي تشدد کي ذاتي معاملو قرار نٿو ڏئي سگهجي. عورتن جي عزت ۽ وقار جو تحفظ آئيني ذميواري آهي، جڏهن ته ماءُ، ڌيءَ، ڀيڻ يا زال جي حيثيت ۾ عورت جو هر رشتو احترام جوڳو آهي.عدالت قرار ڏنو ته زال تي تشدد ۽ کيس باهه ڏيڻ جي الزام ۾ آءِ بي ملازم خلاف کاتي جي سزا برقرار رهندي. سرڪاري ملازم جو ڪردار رڳو دفتري فرضن تائين محدود ناهي، پر سندس ذاتي زندگي پڻ اهميت رکي ٿي.فيصلي موجب کاتي جي جاچ دوران 13 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا هئا.سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته عورتن تي تشدد ڪندڙ سرڪاري ملازم عوامي اعتماد ۽ اداري جي ساک کي نقصان پهچائي ٿو. جوابدار 2022ع ۾ زال تي تشدد دوران کيس باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ۽ سندس حياتي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.عدالت موجب آفيس کان ٻاهر ڪيل ڏوهه پڻ سرڪاري ملازمت تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو