واجب الادا قرضن ۾ 6 هزار 210 ارب رپين جو اضافو

واجب الادا قرضن ۾ 6 هزار 210 ارب رپين جو اضافو

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) پاڪستان جي مجموعي سرڪاري قرضن ۽ حڪومت جي ضمانت هيٺ ورتل قرضن ۾ جون 2025ع کان جون 2026ع تائين 62.1 کرب رپين جو اضافو ٿيو آهي.ناڻي واري وزارت جي هڪ سينيئر عملدار موجب، ان عرصي دوران سرڪاري قرضن ۾ 62 کرب رپيا، جڏهن ته حڪومت جي ضمانت هيٺ ورتل قرضن ۾ لڳ ڀڳ 0.1 کرب رپين جو اضافو ٿيو.ان کانپوءِ قرضن جو مجموعي ڪاٿو 847.7 کرب رپين مان وڌي 909.8 کرب رپيا ٿي ويو، جيڪو هڪ سال دوران 7.3 سيڪڙو واڌ ظاهر ڪري ٿو.جيتوڻيڪ قرضن جي مجموعي مقدار ۾ اضافو ٿيو آهي، پر مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي ڀيٽ ۾ قرضن جي شرح 74.3 سيڪڙو مان گهٽجي جون 2026ع جي پڄاڻيءَ تائين 71.7 سيڪڙو رهجي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو