اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي جي قائم مقام امير لياقت بلوچ چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ سبب سڄي ملڪ ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي، جماعت اسلامي پهرين ڏينهن کان ئي صوبي ۾ گورنر راڄ کي رد ڪري ڇڏيو هو. ليا قت بلوچ چيو ته گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ باوجود ڪو وڏو ردعمل سامهون نه آيو، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي پنهنجي قيادت ۾ وڏو انتشار آهي ۽ عوام جو به پي ٽي آءِ تان اعتماد ختم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته سڀاڻي اسلام آباد ۾ جماعت اسلامي ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ حتمي ڳالهيون ٿينديون. پيٽروليم ليوي تي رليف نه ملڻ جي صورت ۾ ڌرڻا ٻيهر شروع ڪيا ويندا، جڏهن ته درست فيصلا نه ڪيا ويا ته اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪيو ويندو.










