ايران اهڙو معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو ممڪن ٿي سگهي ٿو:ٽرمپ

ايران اهڙو معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪو ممڪن ٿي سگهي ٿو:ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران هڪ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اهڙو معاهدو ٿي به سگهي ٿو. هن اها ڳالهه سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪئي، پر فوري طور ان بابت وڌيڪ تفصيل فراهم نه ڪيا. ٻئي طرف هڪ سروي موجب مڊٽرم چونڊن کان اڳ ٽرمپ جي مقبوليت جي شرح 32 سيڪڙو تي برقرار آهي، جيڪا رڪارڊ جي گهٽ ترين سطح جي ويجهو آهي. 46 سيڪڙو رجسٽرڊ ووٽرن چيو آهي ته اهي ڪانگريس جي چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس کي ووٽ ڏيندا، جڏهن ته 38 سيڪڙو ووٽرن ريپبلڪنز جي حمايت جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو