ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سحر انگيز آواز جي مالڪ ۽ بلبل صحرا جي لقب سان مشهور لوڪ ڳائڻي ريشيما جي اڄ 13هين ورسي ملهائي پئي وڃي. صحرا مان اڀريل هن آواز سرحدن کان ٻاهر به پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي. ريشيما پنهنجي منفرد لوڪ گائڪيءَ سان ٽي وي ۽ فلمي دنيا ۾ وڏي شهرت حاصل ڪئي.”گلِ صحرائي“ ۽ ”لمبي جدائي“ جهڙن مشهور گيتن سان سڃاڻپ ماڻيندڙ ريشيما 1947ع ۾ راجسٿان ۾ پيدا ٿي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان لڏي ڪراچي اچي آباد ٿيو. خانه بدوش خاندان سان تعلق رکندڙ ريشيما ننڍي عمر ۾ ئي صوفيانه ڪلام ڳائڻ شروع ڪيو. ريشيما ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي ڪا به باقاعده تربيت حاصل نه ڪئي هئي. ريڊيو جي پروڊيوسر سليم گيلانيءَ کيس لعل شهباز قلندر جي مزار تي ننڍڙي عمر ۾ ڳائيندي ٻڌو. 12 سالن جي ڄمار ۾ کيس ريڊيو پاڪستان تي پنهنجي آواز جو جادو جاڳائڻ جو موقعو مليو. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي قيام کانپوءِ ريشيما ٽي وي لاءِ ڳائڻ شروع ڪيو. هن پاڪستاني فلمن لاءِ ڪيترائي گيت ڳايا ۽ وڏي شهرت ماڻي. سندس مقبوليت سرحد پار به پهتي ۽ بالي ووڊ ۾ پڻ سندس سحر انگيز آواز گونجڻ لڳو. ريشيما کي ستاره امتياز ۽ ليجنڊز آف پاڪستان جي اعزازن سان پڻ نوازيو ويو. هيءَ لوڪ ڳائڻي 3 نومبر 2013ع تي ڳلي جي ڪينسر سبب لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.










