ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي بلديه ٽائون ۾ ايدهي قبرستان روڊ تي بيٺل ڪار مان نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي، نوجوان جي مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب آرپار زخم جو نشان موجود هو. پوليس موجب فوتي جي هٿ ۾ پڪڙيل پستول پڻ هٿ آيو آهي، جڏهن ته سندس سڃاڻپ شادمان ٽائون جي رهواسي سعد قاضي طور ٿي آهي. نوجوان جي گاڏيءَ تي گولين جا ٽي نشان پڻ موجود آهن، جڏهن ته فوتي وٽ مهانگو پستول به هو. پوليس جو چوڻ آهي ته سعد هڪ خانگي ڪمپنيءَ ۾ ملازم هو ۽ سندس گاڏي به هڪ خانگي بئنڪ جي نالي تي رجسٽرڊ آهي. لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪرائم سين يونٽ ۽ پوليس ٽيم واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري رهي آهي. شروعاتي جاچ ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته واقعو رات اٺين وڳي ڌاري پيش آيو.










