ميڪسويل پاران  رٽائرمينٽ جو اعلان

ميڪسويل پاران رٽائرمينٽ جو اعلان

لنڊن (ويب ڊيسڪ)آسٽريليا جي جارحاڻي مزاج واري بيٽر ۽ آل رائونڊر گلين ميڪسويل انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب گلين ميڪسويل 7 ٽيسٽ، 149 ون ڊي ۽ 130 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي. ميڪسويل 2026ع جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ عمان خلاف آخري ڀيرو آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي. هو 2022ع جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ 2015ع توڙي 2023ع جي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ آسٽريلوي ٽيمن جو حصو رهيو. ميڪسويل ڀارت ۾ ٿيل 2023ع جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان خلاف ڊبل سينچري اسڪور ڪري ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي بهترين اننگز مان هڪ کيڏي هئي ۽ پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو