ميرپورخاص: قتل ٿيل فرزانه مريءَ جي قتل جو ڪيس داخل

ميرپورخاص: قتل ٿيل فرزانه مريءَ جي قتل جو ڪيس داخل

ميرپورخاص(ن س)ميرپورخاص ۾ شڪ جي بنياد تي قتل ڪيل فرزانه مريءَ جي قتل جو ڪيس کاهي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ڪيس ۾ مقتولا جي پيءُ، مڙس ۽ ڀاءُ سميت پنجن ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ مڙس ثناءُ الله، پيءُ ڀورو خان ۽ ڀاءُ حاجي خان جا نالا شامل آهن. ڪيس جي متن موجب جوابدارن مبينا طور پاڻ ۾ صلاح مشوري بعد فرزانه مريءَ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو. مقتولا جي پيءُ ۽ مڙس سندس ٻانهن جهلي هئي، جڏهن ته ڀاءُ پستول سان کيس گولي هنئي. پوليس موجب واقعو گذريل ڏينهن کاهي ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو هو. ڊي آءِ جي فيصل عبدالله چاچڙ جي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو ويو. مقتولا جي والده پريس ڪانفرنس دوران پوليس تي جانبداريءَ جو الزام پڻ لڳايو هو. ڪيس داخل ٿيڻ باوجود هيل تائين ڪنهن به نامزد جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو