ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچيءَ جي علائقي منظور ڪالونيءَ ۾ رات جو ڪرڪيٽ ميچ کيڏندڙ ٽيم کي ٽن هٿياربند ڌاڙيلن ڦري ورتو.گذريل رات پيش آيل واردات جي سي سي ٽي وي فوٽيج جيو نيوز حاصل ڪري ورتي آهي.فوٽيج موجب ٽن ڌاڙيلن سڄي ٽيم کان موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦري ورتي، جڏهن ته نوجوانن تي تشدد پڻ ڪيو.واردات کانپوءِ جوابدار آسانيءَ سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.پوليس موجب سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان واردات ۾ ملوث جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.










