مهمند)ويب ڊيسڪ) ضلعي مهمند ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جي ٽيم سان گڏ ڊيوٽيءَ تي ويندڙ پوليس اهلڪارن تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.پوليس موجب اڻڄاتل هٿياربندن مهمند جي علائقي ڊاگ تمانزئي ۾ پوليو مهم جي ڊيوٽيءَ تي ويندڙ پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار زخمي پڻ ٿيو، جنهن کي ترت طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪري ڇاپا هنيا پيا وڃن.










