سنڌ ڪابينا پاران اٽو 15 رپيا في ڪلو سستو ڪرڻ جي منظوري

سنڌ ڪابينا پاران اٽو 15 رپيا في ڪلو سستو ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ عوام کي فوري رليف ڏيڻ ۽ طويل المدتي اقتصادي استحڪام لاءِ ڪيترائي اهڙا اسٽريٽجڪ فيصلا ڪيا ويا. ايجنڊا ۾ سڀ کان پھرين اٽي جي قيمتن کي گهٽائڻ لاءِ ڪڻڪ جي رليز قيمت ۾ نمايان گهٽتائي، ڪمند جي پيڙائيءَ واري سيزن جو رسمي اعلان ۽ صنعتي پارڪ جي قيام سان گڏ پاڪستان اسٽيل ملز (PSM) جي بحاليءَ لاءِ زمين کي محفوظ ۽ استعمال ۾ آڻڻ جو هڪ جامع پلان شامل هو. وزيراعليٰ هائوس ۾ اڱاري ڏينهن ٿيل هن اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خصوصي مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
ڪڻڪ جي رليز قيمت ۾ گهٽتائي: عام عوام لاءِ اٽي جي قيمت ۾ 15 رپيا في ڪلو گهٽتائي ڪرڻ واري هڪ قدم تحت، وڏي وزير خوراڪ کاتي جي ان تجويز کي منظور ڪري ورتو جنهن ۾ سرڪاري ڪڻڪ جي اسٽاڪ جي رليز قيمت 5,000 رپين مان گهٽائي 4,500 رپيا في 40 ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي. هيءَ تبديلي سنڌ جي قيمتن کي ٻين صوبن جي برابر آڻي ٿي ۽ مارڪيٽ جي قيمتن ۾ تازي آيل گهٽتائيءَ کانپوءِ ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد فلور ملز کي ان قابل بڻائڻ آهي ته اهي ان جو فائدو صارفين تائين پهچائين. خوراڪ کاتي ڪابينا کي آگاهه ڪيو ته فلور ملز ۽ اٽي چڪين کي سپلائي ڪرڻ لاءِ سرڪاري ڪڻڪ جي اسٽاڪ جي موجوده رليز قيمت سنڌ ڪابينا جي منظوريءَ سان 5,000 رپيا في 40 ڪلو مقرر هئي جيڪا 12,500 رپيا في 100 ڪلو جي برابر ٿئي ٿي. خوراڪ کاتي مطابق صوبائي حڪومت وٽ ڪڻڪ جو ڪل اسٽاڪ 8,719,863 ٻوريون آهي، جنهن ۾ پوئين اسٽاڪ جون 1,931,860 ٻوريون، سال 2026 دوران خريد ڪيل 1,558,003 ٻوريون، پاسڪو (PASSCO) ڪڻڪ جون 2,230,000 ٻوريون ۽ امپورٽ ٿيل (گهرايل) ڪڻڪ جون 3,000,000 ٻوريون شامل آهن.
ڪمند جي پيڙائيءَ جي تاريخ مقرر: ڪابينا سال 2026-27 جي ڪمند جي پيڙائيءَ واري سيزن جي شروعات لاءِ 15 نومبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. جيتوڻيڪ تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي پر وڏي وزير زراعت، سپلائي ۽ قيمتن واري کاتي کي هدايت ڪئي ته ايندڙ فصل لاءِ گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ اسٽيڪ هولڊرن سان وڌيڪ صلاح مشورا ڪيا وڃن.
اسٽيل مل جي زمين تي صنعتي پارڪ : ڪابينا ضلع ملير جي ديهه باڪران ۽ پيپري ۾ 1,275 ايڪڙ سرڪاري زمين کي صنعتي پارڪ جي قيام لاءِ پروسيس ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان فيصلي جو مقصد پاڪستان اسٽيل ملز (PSM) سان لاڳاپيل زمين کي حڪومت کان حڪومت (G-to-G) جي بنياد تي صوبائي صنعتڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال ۾ آڻڻ آهي.
ڪراچي انڊسٽريل پارڪ لاءِ وڌ کان وڌ ايريا دستياب ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت هيٺيان قدم کڻندي: ڪراچي گارمينٽ سٽي: صنعتن وارو کاتو وفاقي حڪومت سان رابطو ڪندو ته جيئن ٽيڪسٽائل وزارت کي پهريان کان الاٽ ڪيل 300 ايڪڙ زمين جو جائزو ورتو وڃي ۽ ان کي ٻيهر پاڪستان اسٽيل ملز جي نالي الاٽ ڪرڻ لاءِ نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ (NOC) حاصل ڪيو وڃي. پيپلز هائوسنگ سيل: حڪومت پيپلز هائوسنگ سيل جي قبضي هيٺ موجوده 100 ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ کي ڊي-نوٽيفائي ڪندي ته جيئن اها اسٽيل مل (PSM) ڏانهن منتقل ٿي سگهي.
اسٽيل مل جي حفاظت: صنعتي زون بڻائڻ جي ڪوششن جي باوجود، وزيراعليٰ ۽ سندس ڪابينا ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اصل پاڪستان اسٽيل ملز جي پلانٽ لاءِ مخصوص ڪيل 700 ايڪڙ زمين برقرار رهندي. هيءَ زمين سختيءَ سان رڳو موجوده پلانٽ جي مستقبل جي بحاليءَ يا نئين اسٽيل مل جي قيام لاءِ محفوظ آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) سان 1 ارب ڊالر جو اربن ڊولپمينٽ انويسٽمينٽ پروگرام: ڪابينا ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) جي تعاون سان تيار ڪيل پروجيڪٽ ريڊينس فنانسنگ (PRF) جي ڳالهين واري پيڪيج جي پوسٽ-فيڪٽو منظوري ڏئي ڇڏي ته جيئن سنڌ جي پنجن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ شهري بنيادي ڍانچي ۽ بلدياتي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ 1 ارب ڊالر تائين جو انويسٽمينٽ پائپ لائن تيار ڪري سگهجي. هي پروگرام حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص جو احاطو ڪندو، جنهن جو مرڪزي ڌيان پاڻي جي فراهمي، سيويريج، ڊرينيج، صفائي سٿرائي، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ، لينڊ فل سائيٽس ۽ شهري لچڪ تي هوندو. سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (CDWP) پاران 25 سيپٽمبر 2026 تي منظور ڪيل 17.17 ملين ڊالر جي PRF سهولت ۾ 15 ملين ڊالر ADB جي فنانسنگ ۽ 2.17 ملين ڊالر جو ملندڙ فنڊ شامل آهي. هي فنڊ ايندڙ پنجن کان ڏهن سالن دوران فيزيبلٽي اسٽڊيز، تفصيلي انجنيئرنگ ڊيزائنز، سٽي ڊولپمينٽ پلانز ۽ ادارتي مضبوطيءَ لاءِ مدد فراهم ڪندو.
انويسٽمينٽ پائپ لائن تحت لڳ ڀڳ 300 کان 400 ملين ڊالرن جا ٽي ADB قرضا تصور ڪيا ويا آهن. پهريون قرض حيدرآباد ۽ سکر کي ڪور ڪندو جڏهن ته ايندڙ قرضن ذريعي هن پروگرام کي سڀني پنجن شهرن تائين وڌايو ويندو. وفاقي توڙي سنڌ حڪومت ۽ ADB جي وچ ۾ اهي ڳالهيون 22 آڪٽوبر 2026 تي مڪمل ٿيون هيون جنهن کانپوءِ ڪابينا هن طئي ٿيل پيڪيج جي منظوري ڏني.ڪابينا رجسٽرار، هاءِ ڪورٽ آف سنڌ لاءِ 300 ملين رپين جي گرانٽ ان ايڊ جي منظوري ڏني آهي جيڪا ضلع ڪورنگي، ڪراچي ۾ فيز-I تحت تعمير ٿيل 32 عدالتن کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ لاءِ گهربل فرنيچر ۽ سامان جي خريداريءَ لاءِ استعمال ٿيندي. اهي عدالتون ADP اسڪيم تحت 1.262 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيون ويون هيون جنهن ۾ ڪيپيٽل ڪمپونينٽ 1.132 ارب رپيا ۽ ريونيو ڪمپونينٽ 129.601 ملين رپيا شامل هئا. ڪيپيٽل ڪمپونينٽ مڪمل طور تي استعمال ٿي چڪو آهي جڏهن ته ريونيو جي رقم هاءِ ڪورٽ انتظاميا پاران ٻه ڀيرا سرينڊر ڪئي وئي هئي. هاءِ ڪورٽ انتظاميا بعد ۾ فرنيچر ۽ سامان لاءِ 361.838 ملين رپين جي درخواست ڪئي. چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين کانپوءِ طئي ٿيو ته 300 ملين رپيا فراهم ڪيا ويندا. ڪابينا اها رقم اهم ترقياتي اسڪيمن لاءِ اڳ ۾ طئي ٿيل 1.3 ارب رپين جي اضافي فنڊن مان منظور ڪئي.صوبائي ڪابينا لاڙڪاڻي شهر جي گڏيل واٽر سپلائي، سيويريج ۽ اسٽورم واٽر ڊرينيج سسٽم جي فيزيبلٽي اسٽڊيز، تفصيلي انجنيئرنگ ڊيزائنز، PC-I جي تياري، ٽينڊر دستاويزن ۽ تعميراتي نگرانيءَ لاءِ هڪ فرم کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هيءَ تجويز لاڙڪاڻي جي انفراسٽرڪچر جي ضرورتن جي جائزي کانپوءِ سامهون آئي جنهن دوران اهو فيصلو ڪيو ويو ته پاڻي جي فراهمي ۽ ڊرينيج جي سهولتن کي هڪ ئي وقت ترقي ڏني وڃي ته جيئن ٻيهر کوٽائيءَ کان بچي سگهجي، تعميراتي لاڳت گهٽائي سگهجي ۽ عوام کي ٿيندڙ تڪليف کان بچائي سگهجي. پبلڪ هيلٿ کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته اها فرم اڳ ۾ ئي شهر جي واٽر سپلائي اسڪيم لاءِ شروعاتي فيزيبلٽي جو ڪم ڪري چڪي آهي ۽ واٽر سپلائي، سيويريج، ڊرينيج ۽ وڏي پيماني جي انفراسٽرڪچر منصوبن جو لاڳاپيل تجربو رکي ٿي. هن گڏيل اسائنمينٽ ۾ پاڻي جي ذريعن جو جائزو، ٽرانسميشن سسٽم، علاج ۽ ذخيرو ڪرڻ جون سهولتون، ڊسٽريبيوشن نيٽ ورڪ، سيويريج ڪليڪشن، پمپنگ اسٽيشنز، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ ۽ اسٽورم واٽر ڊرينيج شامل هوندا.ڪابينا فنانس بابت ڪابينا ڪميٽي جي ان فيصلي جي تصديق ڪئي جنهن ۾ موجوده مالي سال 2026-27 دوران ضلع ڄامشورو ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ رورل ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي پنجن اسڪيمن لاءِ 502.409 ملين رپين جا اضافي فنڊ منظور ڪيا ويا هئا. اهي فنڊ ADP اسڪيمن جي مدد ڪندا جن ۾ سيوھڻ شهر لاءِ پاڻي جي فراهمي جو مکيه منصوبو، يونين ڪائونسل واهور ۾ ريورس اوسموسس (RO) پلانٽس جي انسٽاليشن ۽ تعلقي سيوھڻ جي مختلف ڳوٺن ۾ 32 RO پلانٽس جي بحالي ۽ مرمت شامل آهن. ان مان 226.373 ملين رپيا RO پلانٽس سان لاڳاپيل اسڪيمن لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن، جيڪي جون 2027 کان اڳ مڪمل ٿيڻا آهن. باقي فنڊ سيوھڻ ۾ نشاندهي ڪيل شهري واٽر سپلائي جي ڪمن کي حضرت لعل شهباز قلندر جي 775هين عرس مبارڪ کان اڳ مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا، جيڪو 25 کان 28 جنوري 2027 تائين ٿيڻ جي اميد آهي. صوبائي ڪابينا فنانس بابت ڪابينا ڪميٽي جي ان فيصلي جي ترميمي نوٽيس جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جو عنوان ”نوابشاهه شهر، ضلع شهيد بينظير آباد جي واٽر سپلائي ۽ ڊرينيج سسٽم جي بهتري، توسيع ۽ اپ گريڊيشن“ آهي. هيءَ اسڪيم 2,993.426 ملين رپين جي لاڳت سان منظور ڪئي وئي آهي جنهن ۾ موجوده مالي سال 2026-27 لاءِ ADP تحت ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز جي پروويزن مان 750 ملين رپيا رکيا ويا آهن. هن پروجيڪٽ جو مقصد نوابشاهه جي واٽر سپلائي ۽ ڊرينيج انفراسٽرڪچر کي بهتر ۽ اپ گريڊ ڪرڻ آهي جيڪو شهيد بينظير آباد جو ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر آهي. ڪابينا سنڌ چئريٽيز رجسٽريشن اينڊ ريگيوليشن ايڪٽ 2019 تحت ”ڊرافٽ سنڌ چئريٽيز رجسٽريشن اينڊ ريگيوليشن رولز، 2026“ جي منظوري ڏني آهي، ته جيئن صوبي ۾ ڪم ڪندڙ خيراتي ادارن جي رجسٽريشن، مانيٽرنگ ۽ ريگيوليشن لاءِ هڪ جامع ريگيوليٽري فريم ورڪ قائم ڪري سگهجي. اهي تيار ڪيل قاعدا جيڪي 20 آرٽيڪلز ۽ ٻن شيڊولن تي مشتمل آهن، ڪميشن وٽ خيراتي ادارن جي لازمي رجسٽريشن، آفيسرن ۽ اسٽاف جي مقررين، مالي شفافيت، آڊيٽنگ، انسپيڪشن ۽ فنڊ گڏ ڪرڻ وارين سرگرمين جي ريگيوليشن جو اختيار ڏين ٿا. تجويز ڪيل فريم ورڪ تحت، هر خيراتي اداري کي گهربل آن لائن پورٽل ذريعي رجسٽريشن ڪرائڻي پوندي جڏهن ته رجسٽريشن ڪندڙ اٿارٽي لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي قانونن بشمول اينٽي ماني لانڊرنگ ۽ اينٽي ٽيررازم قانون سازي جي تعميل جي تصديق ڪندي. اهي قاعدا خيراتي ادارن لاءِ مناسب اڪائونٽس رکڻ، سالياني رپورٽون ۽ آڊٽ رپورٽون شايع ڪرڻ، ڌار بئنڪ اڪائونٽس هلائڻ ۽ ڪميشن جي ڊيٽابيس سان ڳنڍيل ويب سائيٽون برقرار رکڻ کي به لازمي بڻائين ٿا. ڪابينا ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (KMC) ۽ صوبي جي ٻين بلدياتي ادارن پاران ڪچي آبادين ۾ غير مجاز طور تي ليز جاري ڪرڻ ۽ ريگيولر ڪرڻ جي معاملي جو جائزو ورتو ۽ سنڌ ڪچي آبادي ايڪٽ 1987 جي تعميل کي يقيني بڻائڻ لاءِ سفارشن تي غور ڪيو. هيومن سيٽلمينٽ، اسپيشل ڊولپمينٽ اينڊ سوشل هائوسنگ ڊپارٽمينٽ پاران پيش ڪيل هڪ ورڪنگ پيپر ۾ نشاندهي ڪئي وئي هئي ته ڪليئر قانوني فريم ورڪ جي موجودگي جي باوجود KMC ۽ ٻيا بلدياتي ادارا بغير ڪنهن قانوني اختيار جي ڪچي آبادين ۾ ليز جاري ڪري رهيا هئا. هن معاملي جو مطالعو ڪرڻ ۽ ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪرڻ لاءِ سعيد غني، ناصر شاهه، ضياءُ الحسن لنجار اور وزيراعليٰ جي صلاحڪار نجمي عالم تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڏيوالي جي موڪل: صوبائي حڪومت هندو برادري لاءِ ڏيوالي جي سلسلي ۾ سومر ڏينهن سرڪاري موڪل جو اعلان ڪيو آهي. ڪابينا سنڌ ٽرسٽ ايڪٽ 2020 تحت ”ليڊي ڊفرن هاسپيٽل ٽرسٽ“ جي رجسٽريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن هن تاريخي اداري پاران ڪراچي ۾ گهٽ آمدني وارين عورتن کي فراهم ڪيون ويندڙ صحت جي سهولتن جي تسلسل کي يقيني بڻائي سگهجي. هي اسپتال 1898 ۾ مسٽر ايدلجي دنشا پاران قائم ڪئي وئي هئي ۽ ساڳئي سال عمل ۾ آيل هڪ ٽرسٽ ڊيڊ تحت هلي رهي آهي. موجوده ٽرسٽي، مسٽر سهراب آر دنشا، موجوده ٽرسٽ ڊيڊ کي 2020 جي ايڪٽ تحت رجسٽر ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. قانون کاتي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي آفيس سان صلاح مشوري کانپوءِ ٽرسٽ جي تجويز ڪيل جوڙجڪ ۾ مسٽر سهراب آر دنشا بطور موجوده ٽرسٽي شامل آهن جڏهن ته ڪمشنر ڪراچي ڊويزن، ميئر ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ ڊپٽي ڪمشنر/ڪليڪٽر ضلع ڏکڻ سرڪاري طور تي عهدي جي لحاظ کان ٽرسٽي هوندا. ڪابينا هن تجويز کي منظور ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو