ايم ڪيو ايم ٻڌي ڇڏي شاهراهه فيصل تي جلسي جي اجازت ناهي

ايم ڪيو ايم ٻڌي ڇڏي شاهراهه فيصل تي جلسي جي اجازت ناهي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم وارا ڪن کولي ٻڌي وٺن، شاهراهه فيصل تي جلسي جي اجازت ڪنهن به صورت ۾ نه ڏني ويندي.ڪراچي ۾ سنڌ ڪابينه اجلاس کان پوءِ بريفنگ ڏيندي هن چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي کي جلسو ڪرڻو آهي ته باقاعده اجازت حاصل ڪري پرامن ۽ قانوني طريقي سان جلسو ڪري، جلسو منعقد ڪرڻ جي خواهشمند سمورين سياسي پارٽين کي پهريان لاڳاپيل اختيارين کان اجازت وٺڻي پوندي، پر شاهراهه فيصل تي ڪنهن به سياسي پارٽي کي جلسو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم کي 12 مئي جهڙا واقعا ٻيهر ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، سمورين سياسي پارٽين کي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي سياسي سرگرميون انجام ڏيڻ جي مڪمل آزادي آهي، ڪابه ڌر حڪومت تي پنهنجو فيصلو مڙهي نٿي سگهي، اسان ڪنهن به صورت ۾ تڪرار ۽ بدامني جي فضا پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين.سينئر صوبائي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت صوبائي خودمختاري ۽ صوبن جي حقن جي حوالي سان پنهنجو موقف واضح ڪري چڪيون آهن، سنڌ اسيمبلي کان مٿانهون ڪوبه قانون يا فيصلو نٿو ٿي سگهي، سنڌ جي چونڊيل صوبائي اسيمبلي انهي معاملي تي پنهنجو فيصلو ڏئي چڪي آهي، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون موجود آهي انهي جي بالادستي هر صورت ۾ پهريان آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ڪابينه سرڪاري ڪڻڪ جي رليز پرائيس 5 هزار روپين کان گهٽ ڪري 4 هزار 500 روپيه في 40 ڪلو گرام ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نئين قيمت سبب اٽو 17 روپيه في ڪلو سستو ٿيڻ شروع ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ ڪابينه ليڊي ڊفرن اسپتال ٽرسٽ کي سنڌ ٽرسٽ ايڪٽ 2020 جي تحت رجسٽر ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي. ڄامشورو ضلعي جي پنج ترقياتي اسڪيمن جي لاءِ 409.502 ملين روپين جي اضافي فنڊز جي به منظوري ڏني وئي.سنڌ ڪابينه نوابشاهه ٽائون، ضلع شهيد بينظير آباد ۾ واٽر سپلائي ۽ ڊرينيج سسٽم جي بهتري لاءِ 2 ارب 99 ڪروڙ 34 لک 26 هزار روپين جي لاڳت سان اسڪيم جي به منظوري ڏئي ڇڏي. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪچي آبادين بابت ڪابينه ڪميٽي جوڙي وئي آهي. جيڪا ڪچي آبادي جي معاملن جي حل لاءِ ون ونڊو آپريشن بابت قانون ۽ تجويزون جوڙيندي.شرجيل ميمڻ چيو ته ٽريفڪ قانون تي عملدرآمد جي لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن. شهر ۾ ٽريفڪ جي نظام کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ٽريفڪ مينجمينٽ اٿارٽي قائم ڪئي ويندي. ڪراچي ۾ اسمارٽ ٽريفڪ مينجمينٽ سسٽم متعارف ڪرايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو