ڪوئيٽا/تربت/مستونگ)ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي الڳ الڳ ڪاررواين دوران گهٽ ۾ گهٽ 16 دهشتگرد مارجي ويا.ريڊيو پاڪستان موجب تربت جي علائقي جوسڪ ۾ سڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، جنهن دوران فتنه الهنڊستان سان لاڳاپيل 2 دهشتگرد مارجي ويا.ٻئي طرف پاڪستان ٽيليويزن موجب بلوچستان ۾ رَدُّالفتنه-3 تحت دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري آهن. مستونگ ۾ دهشتگردن چيڪ پوسٽ تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا.سرڪاري ميڊيا موجب ڪارروائي دوران مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ ڳرا هٿيار، گولا بارود ۽ 3 موٽرسائيڪلون پڻ هٿ ڪيون ويون. سڪيورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي خطري جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون.ڪوئيٽا ۾ پوليس اسٽيشن تي حملو ناڪام، 5 دهشتگرد مارجي ويا
ڪوئيٽا جي ڀرپاسي واري علائقي اغبرگ ۾ دهشتگردن پوليس اسٽيشن تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو. پوليس اختيارين موجب اربع جي صبح سوير موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن اغبرگ پوليس اسٽيشن کي نشانو بڻايو، جنهن تي پوليس اهلڪارن فوري طور جوابي فائرنگ شروع ڪري ڏني. صدر ايس ايس پي شفقت جنجوعه موجب سخت فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان تعلق رکندڙ 5 دهشتگرد مارجي ويا. پوليس موجب دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيا ويا.
بلوچستان ۾ ايدي ايمبولينس مبينا طور اغوا
هوڏانهن ايدي فائونڊيشن موجب بلوچستان ۾ هٿياربندن مبينا طور ايدي فائونڊيشن جي هڪ ايمبولينس تي قبضو ڪري ورتو. فائونڊيشن موجب ايمبولينس عورت جو لاش گيدر ڀرسان علائقي مان منتقل ڪرڻ کانپوءِ صبح تقريبن 7:15 وڳي ايدي قلات سينٽر ڏانهن واپس وڃي رهي هئي ته هٿياربندن ايدي جي ملازم تي حملو ڪري ايمبولينس تي قبضو ڪري ورتو. فائونڊيشن موجب واقعو سڃاتل نه هجڻ سبب هٿياربندن جي سڃاڻپ بابت وڌيڪ تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن.
بلوچستان ۾ مسلسل ڪارروايون
واضح رهي ته گذريل ڏينهن به بلوچستان جي ساران ٽنگي واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 9 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو هو. ان کان اڳ پنجگور ضلعي جي ٻن علائقن ۾ ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تنظيم سان تعلق رکندڙ وڌيڪ 4 دهشتگرد مارجي ويا هئا، جڏهن ته گذريل هفتي پنجگور ۽ چاغي ضلعن ۾ الڳ الڳ ڪاررواين دوران 11 دهشتگرد مارجي وڃڻ جي رپورٽ سامهون آئي هئي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفليڪٽ اينڊ سڪيورٽي اسٽڊيز جي ماهوار جائزي موجب بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن جو انگ جولاءِ جي 83 واقعن مان وڌي آگسٽ ۾ 89 ٿي ويو، جيڪو 7 سيڪڙو واڌ کي ظاهر ڪري ٿو.










