اتر وزيرستان ۾ آپريشن مسجد ۾ لڪايل بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ

اتر وزيرستان ۾ آپريشن مسجد ۾ لڪايل بارودي مواد ۽ هٿيار هٿ

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ مسجد جي اندر لڪايل فتنته الخوارج جو بارودي مواد ۽ هٿيار ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي مير علي جي ڏاکڻي طرف ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروائي ڪندڙ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنته الخوارج جي دهشتگردن جا 2 ٺڪاڻا ختم ڪري ڇڏيا.آءِ ايس پي آر موجب 8 نومبر 2026ع تي سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي مير علي جي ڏاکڻي پاسي واقع ڳوٺ موزڪ ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم فتنة الخوارج جي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو.آپريشن دوران دهشتگردن پاران مسجدن اندر قائم ڪيل ٻن ٺڪاڻن کي ڪليئر ڪيو ويو، جتان اڳواٽ تيار ڪيل ديسي ساخت جا ڌماڪيدار اوزار، ڌماڪيدار مواد تيار ڪرڻ جو سامان، هٿيار ۽ وڏي مقدار ۾ گولا بارود هٿ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن ڄاڻي واڻي مسجدن کي پنهنجن ٺڪاڻن طور استعمال ڪيو، جتي ڌماڪيدار مواد رکڻ سان گڏ مبينا طور تشدد جا مرڪز پڻ قائم ڪيا ويا هئا. جتي ماڻهن کي تشدد جو نشانو بنايو ويندو هو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته عبادتگاهن جي اهڙي بي حرمتي فتنة الخوارج جي اسلام جي بنيادي تعليمات کان لاتعلقي جو واضح ثبوت آهي. افغان طالبان جي پٺڀرائيءَ سان سرگرم اهي خارجي دهشتگرد اسلام سان ڪو به تعلق نٿا رکن، جڏهن ته سندن گمراهه ڪندڙ تشريح ۽ مذموم مقصدن لاءِ مذهب جي استعمال کي خيبر پختونخوا ۽ پاڪستان جي عوام رد ڪري ٿي. آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٻڌايو ته علائقي ۾ ڀارتي سرپرستيءَ ۾ قائم ٻين دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. بيان موجب قومي ايڪشن پلان تحت وفاقي ايپڪس ڪميٽيءَ جي منظوريءَ سان شروع ڪيل عزمِ استحڪام جي ويزن تحت سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون دهشتگرديءَ خلاف ڪارروايون پوري رفتار ۽ تسلسل سان جاري رهنديون، ته جيئن ملڪ مان ٻاهرين سرپرستي ۽ مدد سان ٿيندڙ دهشتگرديءَ جو مڪمل خاتمو آڻي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو