واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ايران خلاف جنگ شروع ڪرڻ بابت صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي جو دفاع ڪندي ان کي درست قدم قرار ڏئي ڇڏيو. فلوريڊا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مارڪو روبيو چيو ته صدر ٽرمپ جوهري هٿيارن سان ليس ايران جي حقيقي خطري جي نشاندهي ڪندي ان جو مقابلو ڪيو، ڀلي سندس اهو فيصلو عوام ۾ مقبول نه هجي. هن چيو ته ملڪ جي سلامتيءَ کي درپيش ڏکين چئلينجن کي منهن ڏيڻ ضروري هوندو آهي، ڀلي ان لاءِ غير مقبول فيصلا ئي ڇو نه ڪرڻا پون. آمريڪي پرڏيهي وزير موجب، صدر ٽرمپ اهو قدم کنيو، جيڪو کانئس اڳ آمريڪي صدر نه کڻي سگهيا هئا. مارڪو روبيو چيو ته اميد آهي ته آمريڪا جون ٻئي سياسي جماعتون ان ڳالهه تي متفق ٿينديون ته جوهري هٿيارن سان ليس ايران آمريڪا، اسرائيل، وچ اوڀر ۽ سڄي دنيا لاءِ ناقابل قبول ۽ خطرناڪ هوندو. هن چيو ته ايران سان جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۾ اڃا تائين ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي، جنهن جو سبب تهران جا ناقابل قبول ۽ ڪجهه معاملن ۾ غيرمعمولي مطالبا آهن. مارڪو روبيو موجب، مختلف ملڪ ثالثي جون ڪوششون جاري رکندي ايران سان مختلف تجويزن تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڳالهين ۾ ڪنهن وڏي اڳڀرائي جي ويجهو پهچڻ واري صورتحال ناهي. صدر ٽرمپ هميشه سفارتي ذريعن ذريعي مسئلا حل ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين ممڪن نه هوندو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪنهن معاهدي جو امڪان پيدا ٿيو ته آمريڪا ان جو ضرور جائزو وٺندو، پر في الحال ڳالهيون گهڻيون نتيجا ڏيندڙ ثابت نه ٿي رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته ايران جا مطالبا ناقابل قبول، غيرحقيقي ۽ ڪجهه حالتن ۾ کل جوڳا آهن.










