شهباز شريف جي نوازسان ملاقات، عوام کي رليف ڏيڻ جي هدايت

شهباز شريف جي نوازسان ملاقات، عوام کي رليف ڏيڻ جي هدايت

لاهور: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي جاتي عمره ۾ پارٽي سربراهه ميان نوازشريف سان ملاقات ٿئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي جاتي امرا ۾ پارٽي صدر نوازشريف سان ملاقات ٿي، ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاران نوازشريف کي ملڪ جي گڏيل سياسي ۽ معاشي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو.انهي موقعي تي نوازشريف هدايت ڪئي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام تائين پهچايو وڃي، مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ئي عوام کي رليف ڏيڻ جو اصل طريقو آهي.ملاقات دوران نوازشريف چيو ته اهڙيون پاليسيون ٺاهيون وڃن جنهن سان روزاني وارين استعمال جي شين جون قيمتون گهٽ رهن، مسلم ليگ(ن) جي هميشه اها خاصيت رهي آهي ته انهي هميشه اهڙيون پاليسيون ٺاهيون آهن جنهن جو سڌو سنئون فائدو عوام کي پهچي.انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهي، شهباز شريف نواز شريف کي ملڪ جي گڏيل سياسي ۽ معاشي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ملاقات کان پوءِ شهباز شريف جاتي امراءَ مان واپس روانو ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو