صنم جاويد جو مڙس کان عليحدگي لاءِ عدالت ۾ درخواست

صنم جاويد جو مڙس کان عليحدگي لاءِ عدالت ۾ درخواست

لاھور(ويب ڊيسڪ)لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ صنم جاويد پنهنجي مڙس کان عليحدگي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.لاهور جي فيملي ڪورٽ خلع جي دعويٰ تي 25 نومبر لاءِ سندس مڙس عتيق رياض کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. صنم جاويد پنهنجي وڪيل بيرسٽر خديجه صديقي جي معرفت خلع جي دعويٰ داخل ڪرائي آهي. واضح رهي ته صنم جاويد 9 مئي واري ڪيس ۾ ڪوٽ لکپت جيل ۾ سزا ڪاٽي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو