واشنگٽن)ويب ڊيسڪ) ڊيموڪريٽس ٽرمپ انتظاميا خلاف وڏي پيماني تي جاچ جو منصوبو تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ايگزيئوس جي رپورٽ موجب ٽرمپ انتظاميا تي خرچن، بدانتظامي ۽ ڪرپشن جي الزامن جي جاچ ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ سينيٽ ۽ ايوانِ نمائندگان جي ڊيموڪريٽ ميمبرن وچ ۾ رابطا جاري آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊيموڪريٽس ٽرمپ انتظاميا جي پاليسين جي نگراني ۽ ڪانگريس ۾ ٻڌڻين جو منصوبو پڻ تيار ڪري ورتو آهي. ايران جنگ سينيٽ ۽ ڊيموڪريٽس جي شروعاتي جاچ جو اهم موضوع بڻجڻ جو امڪان آهي. رپورٽ موجب سينيٽ جي آرمڊ سروسز ڪميٽي جنوري ۾ بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ کي طلب ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته ڊيموڪريٽس جو ايران جنگ بابت وار پاورز ٺهراءَ تي ترت ووٽنگ ڪرائڻ جو منصوبو آهي.










