پيٽرول 6 رپيا 59 پئسا ۽ ڊيزل 4 رپيا 25 پئسا في ليٽر سستو

پيٽرول 6 رپيا 59 پئسا ۽ ڊيزل 4 رپيا 25 پئسا في ليٽر سستو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اوگرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 59 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 346 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ به 4 رپيا 25 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 378 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو