ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي پيداواري صلاحيت 11.2 ملين ٽن ٿي وئي

ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي پيداواري صلاحيت 11.2 ملين ٽن ٿي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٿر جي ڪوئلي کي بجلي پيدا ڪرڻ کان اڳتي وڌائي صنعتي ترقيءَ جو ذريعو بڻايو پيو وڃي. ٿر ڪول بلاڪ ٽو جي سالياني پيداواري صلاحيت 7.6 ملين ٽن مان وڌائي 11.2 ملين ٽن ڪئي وئي آهي، جنهن سان ڪوئلي جي پيداوار ۾ هر سال 3.6 ملين ٽن جو اضافو ٿيو آهي. ان واڌ کانپوءِ بجلي گهرن سان گڏ ٻين صنعتي شعبن کي به مقامي ڪوئلو فراهم ڪرڻ ممڪن ٿي سگهندو. هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪوئلي کي صنعتي استعمال لاءِ وڌيڪ موزون بڻائڻ جو رٿا شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٿر کي قومي ريلوي نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ واري منصوبي تي 68 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. هن واضح ڪيو ته ٻين صنعتي خريدارن کي ڪوئلي جي وڪري سان لاڳاپيل خرچ بجلي استعمال ڪندڙن جي ٽيرف تي منتقل نه ڪيا ويندا. هن چيو ته مقامي ڪوئلي مان ڪول گيسيفڪيشن، ميٿانول ۽ مختلف ڪيميائي شين جي تياريءَ ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن. ڪوئلي کي رڳو ٻارڻ بدران صنعتي خام مال طور استعمال ڪرڻ جي امڪانن تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان نيون صنعتي سرگرميون شروع ٿيڻ ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ملي سگهي ٿي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٿر جي قدرتي وسيلن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ ضروري بنيادي ڍانچي ذريعي ملڪ جي صنعتي ترقيءَ لاءِ ڪتب آندو ويندو. مقامي وسيلن جي بهتر استعمال سان نه رڳو توانائيءَ جي تحفظ کي هٿي ملندي، پر ملڪ جي معاشي خودمختياريءَ لاءِ پڻ نوان موقعا پيدا ٿيندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو