ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان پنهنجي نئين تڪراري فلم ”ماتربھومي“ جي نمائش جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هدايتڪار اپوروا لاکيا جي اها فلم 4 ڊسمبر تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. واضح رهي ته فلم 2020ع ۾ لداخ جي وادي گلوان ۾ ڀارتي ۽ چيني فوجن وچ ۾ ٿيل فوجي چڪريءَ تي ٻڌل آهي. فلم جي نمائش ۾ دير بابت ڳالهائيندي سلمان خان ٻڌايو ته ٽيم بصري اثرن (وي ايف ايڪس) ۽ گرافڪس جو معيار انتهائي بهتر بڻائڻ چاهيو ٿي. سندس چوڻ هو ته اڄڪلهه وي ايف ايڪس جا ماهر هر فريم کي وڏو ڪري ڏسن ٿا، تنهنڪري هو نٿا چاهين ته ڪو سندن فني غلطي ڪڍي. سندن خواهش آهي ته فلم جا منظر ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏين. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اداڪارا جي زخمي ٿيڻ سبب به فلم جو شيڊيول جنوري، جون ۽ آگسٽ کان وڌائي ڊسمبر تائين ڪيو ويو. واضح رهي ته فلم جو نالو اڳ ۾ ”بيٽل آف گلوان“ رکيو ويو هو، جنهن کي بعد ۾ تبديل ڪري ”ماتربھومي“ ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان فلم ۾ 16 بهار ريجمينٽ جي ڪرنل بيڪوملا سنتوش بابو جو مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو چيني فوج سان چڪريءَ دوران مارجي ويو هو. سلمان خان گذريل سال پنهنجي 60هين سالگرهه جي موقعي تي فلم جو ٽيزر جاري ڪيو هو، جنهن تي چيني سرڪاري اخبار ”گلوبل ٽائمز“ اعتراض ڪندي ان کي حقيقتن کي مسخ ڪري پيش ڪرڻ واري سئنيما پيشڪش قرار ڏنو هو.










