اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ پنهنجا مقصد حاصل ٿيڻ تائين جاري رهندو.هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ سان هن وقت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه پئي ٿئي. پٺ پردي رابطا ٿيندا رهندا آهن، پر باضابطا طور تي ڪا به ڳالهيون نه پيون ٿين. گورنر راڄ مقصد حاصل ٿيڻ تائين برقرار رهندو.هن چيو ته ڀارت ۽ افغانستان جي مدد سان دهشتگرديءَ جو ناسور علائقي ۾ پکڙجي رهيو آهي، دهشتگرديءَ کي روڪڻ انتهائي اهم آهي. ان سلسلي ۾ سڀني کي اعتماد ۾ ورتو ويندو، پر دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ڪاميابي کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي.وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته مولانا فضل الرحمان کي جيڪڏهن گورنر راڄ تي اختلاف آهي ته هو پنهنجي راءِ رکي سگهن ٿا. ساڻن ڪو به جهيڙو وڌائڻ نٿو چاهي، نه ئي ڪو جهيڙو آهي، رڳو اختلاف راءِ آهي. اسان کي جي يو آءِ (ف) جي راءِ سان اختلاف ڪرڻ جو حق آهي ۽ کين به اهو حق حاصل آهي.وفاقي وزير چوڌري سالڪ پاران پنجاب ۾ ڪرپشن بابت ڏنل بيان تي راڻا ثناءُ الله چيو ته جڏهن اوهان وٽ ثبوت نه هجن ته اهڙا الزام نه لڳائڻ گهرجن. چوڌري سالڪ پاڻ به چيو آهي ته وٽس ڪي به ثبوت ناهن.










