ٻوري بند لاش جو ڪيس حل، ٻه ڀائر گرفتار

ٻوري بند لاش جو ڪيس حل، ٻه ڀائر گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بوٽ بيسن پوليس تشدد جا نشان ۽ رسيون ٻڌل ٻوريءَ ۾ بند لاش ملڻ واري ڪيس جو 6 ڪلاڪن اندر پتو لڳائي مقتول جي ٻن ڀائرن کي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو.پوليس اختيارين موجب ڪلفٽن بلاڪ 2 ۾ عمر شريف پارڪ ڀرسان ٻوريءَ ۾ بند جزوي طور پوريل لاش هٿ آيو هو، جنهن جي سڃاڻپ پوليس جي تلاش ايپ ذريعي ڪامران خان عرف شينا ولد گل لالي طور ڪئي وئي. شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ موجب مقتول کي مبينا طور وهاڻي سان منهن دٻائي قتل ڪيو ويو هو. پوليس شڪ جي بنياد تي مقتول جي ٻن ڀائرن شير محمد ۽ وحيد علي کي جاچ ۾ شامل ڪيو، جن دورانِ جاچ پنهنجي ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو. پوليس اختيارين ٻڌايو ته جوابدارن انڪشاف ڪيو ته هنن پنهنجي ڀاءُ کي شيرين جناح ڪالونيءَ ۾ واقع گهر اندر قتل ڪرڻ بعد لاش کي رسين سان ٻڌي ٻوريءَ ۾ بند ڪيو هو. جوابدارن موجب گهر اندر ٿيل جهيڙي دوران هنن پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو. مقتول ڪامران خان عرف شينا جو ڏوهاري رڪارڊ پڻ هو، جنهن خلاف منشيات جي استعمال ۽ وڪري سميت ٽي ڪيس داخل ٿيل هئا. پوليس اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته بوٽ بيسن پوليس پيشوراڻي مهارت، جديد جاچ جي طريقن ۽ بروقت ڪارروائيءَ ذريعي انڌي قتل جو ڪيس رڳو 6 ڪلاڪن ۾ حل ڪري ورتو آهي. قتل ۾ ملوث مقتول جا ٻئي ڀائر پوليس جي حراست ۾ آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو