رليف جي سهوليت نه ڏيندڙ پمپس جا لائسنس ملتوي ڪرڻ جو حڪم

رليف جي سهوليت نه ڏيندڙ پمپس جا لائسنس ملتوي ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف پيٽرول رليف اسڪيم جي سهوليت فراهم نه ڪندڙ پيٽرول پمپس جا لائسنس ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پرائم منسٽر فيول رليف پروگرام بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيول رليف پروگرام تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.وزيراعظم اجلاس ۾ رليف پروگرام جي هينئر تائين جي اڳڀرائي ۽ شفافيت تي اطمينان جو اظهار ڪيو جڏهن ته اسڪيم لاءِ مانيٽرنگ ۽ ڪارگرڊيش بورڊ ٺاهڻ تي آءِ ٽي واري وزير شزا فاطمه جي تعريف ڪئي. انهي موقعي تي شهباز شريف چيو ته رجسٽريشن ۽ سبسڊي کي حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان بنائڻ سان رجسٽريشن ۾ اضافو ٿيو ۽ وڌيڪ مستحق شهري انهي سهوليت مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.پڌرائي موجب وزيراعظم رليف سهوليت فراهم نه ڪندڙ پيٽرول پمپس جا لائسنس ملتوي ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير اقتصادي معاملا احد خان چيمه، وفاقي وزير موسمياتي تبديلي مصدق ملڪ، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير اطلاعات، نشريات عطاءُالله تارڙ، وزير پيٽروليم ڊويزن علي پرويز ملڪ ۽ مملڪتي وزير ناڻو کاتو بلال اظهر ڪياني شرڪت ڪئي.انهي موقعي تي وزيراعظم جو خاص مددگار طارق باجوه، وزيراعظم جو خاص مددگار توانائي ليفٽيننٽ جنرل(ر) ظفر اقبال ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو