اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت مخصوص سيٽ جي تڪرار بابت جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اپيل رد ڪري ڇڏي، عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو.ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران جي يو آءِ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پارٽي مخصوص سيٽن لاءِ چار اميدوارن جا نالا ڏنا هئا ۽ اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي فهرست ۾ تبديلي نٿي ڪري سگهي. وڪيل چيو ته جي يو آءِ جو موقف آهي ته صدف احسان پارٽي جي اميدوار ناهي، جيڪڏهن فهرست ۾ ڪا غلطي هئي ته پارٽي کان درستگي ڪرائي سگهجي پئي. وفاقي آئيني عدالت جي يو آءِ جي درخواست رد ڪندي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو.










