زال کي قتل ڪندڙ جوابدار چيتن ڀيل کي ڦاهي جي سزا

زال کي قتل ڪندڙ جوابدار چيتن ڀيل کي ڦاهي جي سزا

شهدادپور (ن س ) شهدادپور ۾ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج زال کي ڪهي قتل جي الزام هيٺ جوابدار چيتن ڀيل کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي 6 سال اڳ شهدادپور ويجهو ڳوٺ عبدالرشيد آرائين واسي چيتن ڀيل پنهنجي زال هيري ڀيل کي خنجرن جا وار ڪري بيدردي سان ڪهي قتل ڪيو هو ۽ ٻن پڻ ڌئيرن کي خنجر ھڻي زخمي پڻ ڪيو ھيو ـ جنهن ۾ مقتولا جي ڀاءُ امرشي شهدادپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ھيو ـ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج شهدادپور طاهر عباسي جي عدالت ۾ ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڦاهي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ـ واضع رهي ته 6 سال اڳ واقعي جو ڪيس داخل ٿيو هو جنهن تي عدالت اهڙو فيصلو ٻڌايو آهي ـ

پهنجو تبصرو موڪليو